ڏوگر، عبدالحميد، جسٽس

ڏوگر، عبدالحميد، جسٽس

ڏوگر عبدالحميد جسٽس

ڏوگر، عبدالحميد، جسٽس: پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ڳاڙهي موريءَ ۾ 22 مارچ 1944ع تي جنم ورتو. هن 1966ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ايس. سي ڪئي ۽ پوءِ لاهور جي لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري ورتي. شروعاتي 25 سال وڪيل طور پرئڪٽس ڪرڻ کانپوءِ اپريل 1995ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. 1973ع کان 1974ع تائين خيرپور ضلعي بار ائسوسيئيشن جو جوائنٽ سيڪريٽري، ڪجهه سال خيرپور ضلعي بار ائسوسيئيشن جو صدر به رهيو. ان کانسواءِ 83-1980ع دوران سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر؛ 85-1980ع تائين خيرپور ضلعي جي ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽيءَ جو اعزازي سيڪريٽري؛ 90-1988ع دوران تعليمي بورڊ سکر جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ 1996ع کان 2000ع تائين شاهه عبداللطيف خيرپور يونيورسٽيءَ جي سئنڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو.
جسٽس عبدالحميد ڏوگر، 8 اپريل 2000ع تي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. مارچ 2003ع کان نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگويجز اسلام آباد جي بورڊ آف گورنر جو ميمبر ۽ 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ امپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، اسلام آباد جو چيئرمين چونڊيو ويو. جولاءِ 2004ع کان ڪجهه عرصي جي لاءِ وقتي اليڪشن ڪمشنر به رهيو. پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ عبدالحميد ڏوگر کي پي. سي. او تحت 3 نومبر 2007ع تي پاڪستان جي چيف جسٽس طور حلف کڻايو ويو. سندس ان قدم تي وڏي تنقيد ٿي. هن سان گڏ ڪيترن ججن حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو. قانوندانن، سياسي ۽ سماجي حلقن هن جي هن قدم کي آئين جي خلاف ورزي ڪوٺيو. جسٽس عبدالحميد ڏوگر 21 مارچ 2009ع تي رٽائر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.03.22  عيسوي

پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ڳاڙهي موريءَ ۾ 22 مارچ 1944ع تي جنم ورتو.


2000.04.08  عيسوي

جسٽس عبدالحميد ڏوگر، 8 اپريل 2000ع تي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.


2007.11.03  عيسوي

پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ عبدالحميد ڏوگر کي پي. سي. او تحت 3 نومبر 2007ع تي پاڪستان جي چيف جسٽس طور حلف کڻايو ويو.


2009.03.21  عيسوي

جسٽس عبدالحميد ڏوگر 21 مارچ 2009ع تي رٽائر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ سليمان سيفي سنڌي
آمنه بيبي
ڀوڄراج شيوڪ
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
اختر ڪاڪيپوٽو
ايڇ ٽي لئمبرڪ
دائودپوٽو عبدالڪريم منشي
عبدالستار عرف لالا قريشي
سيد عبدالرحيم موسوي
درازي راضي سائين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون